جعفري ضمير

جعفري، ضمير: 1916ع ڌاري ڪوچڪ عبدالخالق ضلعي جهلم ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم جهلم مان حاصل ڪيائين. 1938ع ۾ اسلاميه ڪاليج لاهور مان بي. اي ڪيائين. صحافتي زندگيءَ جو آغاز روزاني ’احسان‘ لاهور کان ڪيائين. مولانا چراغ حسين ’حسرت‘ جي هفتيوار ’شيرازه‘ ۾ سندس مددگار رهيو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران هندستان جي فوج ۾ ڪميشن ڪيائين ۽ ميجر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو. ضمير جعفري بي پناهه ادبي ۽ تخليقي صلاحيتن جو مالڪ هو. کيس ادبي خدمتن جي اعتراف طور پهريون انعام ’همايون گولڊ ميڊل‘ سر شيخ عبدالقادر جي هٿان مليو. 1978ع ۾ سندس ڪتاب ’ڪتابي چهره‘ تي پهريون ’آدم جي ادبي اوارڊ‘ مليو. 1984ع ۾ ’صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي‘ ۽ پوءِ ’تمغه قائداعظم‘ به حاصل ڪيائين. سيد صاحب آخري عمر تائين ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. سندس لاتعداد تصنيفون آهن)، سندس شعري تصنيفن ۾: ’مسدس بي حالي‘، ’مافي الضمير‘، ’قريه جان‘، ’زيور وطن‘، ’جزيرون ڪي گيت‘، ’وه ڦول ڪه جن ڪا نام نهين‘، ’ولائتي زعفران‘، ’گورخند‘، ’گزشير خان‘، ’ضميريات‘، ’نشاط تماشه‘، ’من ميله‘، ’نعت نذرانه‘، ’ارمغان ضمير‘، ’ميرا پاڪ وطن‘، ’من مندر اور من ڪي تار‘ ۽ نثري تصنيفن ۾: ’هندستان ۾ دو سال‘، ’ملايا ڪي لوگ‘، ’اڙتي خاڪي‘، ’ڪتابي چهري‘، ’ميٺا پاني‘، ’نظر عباري‘، ’جنگ ڪي رنگ‘، ’سفرنامه‘، ’جمع خبرنامه‘، ’ڪالي گوري سپاهي‘، ’سورج ميري پيڇي‘، ’ڪنگرو ڪي ديس ۾‘، ’ڪارزار ۽ آنريري خسرو‘ شامل آهن. هن مئي 1999ع ۾ وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.00.00  عيسوي

جعفري ضمير 1916ع ڌاري ڪوچڪ عبدالخالق ضلعي جهلم ۾ پيدا ٿيو .


1999.05.00  عيسوي

جعفري ضمير مئي 1999ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حزب الله آءِ سومرو
حسني مبارڪ
آغا زين العابدين شاهه
جتوئي آصف مصطفيٰ
حاجي عبداللطيف شاهه قادري
رابرٽ ليچ
صالح ميمڻ ڊاڪٽر
رمضان ساريو
نسرين چانڊيو
ڄام لکپت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون